صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خضدار حملي جي مذمت

اسڪولي بس تي ڀارتي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪجي ٿي: صدر، وزيراعظم ۽ گھرو وزير

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان خضدار ۾ اسڪولي بس تي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت.

صدر، وزيراعظم ۽ گهرو وزير پاران شهيد ٿي ويل ٻارن جي والدين سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو ، زخمين کي ترجيحي بنيادن تي ترت طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت.

وزير اعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ تعليم دشمني جو چٽو ثبوت آهي.

Related posts

Leave the first comment