ٿاڻو بولاخان: ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ، ھڪ ڄڻو فوت، 5 ڄڻا زخمي

سول ڪورٽ روڊ وٽ حادثي جي نتيجي ۾ اسد پٽ منظور برفت فوت ٿي ويو

ٿاڻو بولاخان (ويب ڊيسڪ) ٿاڻي بولاخان ۾ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سول ڪورٽ روڊ وٽ حادثي جي نتيجي ۾ اسد پٽ منظور برفت فوت ٿي ويو جڏهن ته پنج ڄڻا ڌڪي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آھي ته زخمين نعمان برفت، عرفان برفت، ارسلان ميمڻ  ۽ عزيز ٻاپڙاڻي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

Related posts

Leave the first comment