حيدرآباد: ھفتو اڳ منشيات فروش جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگر فوت

زخمي 11 ورهين جي قادر راڄڙ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ھفتو اڳ منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگر فوت ٿي ويو.

زخمي 11 ورهين جي قادر راڄڙ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

8 مئي تي ھٽڙي ٿاڻي جي حد علي آباد ڪالوني ۾ منشيات خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکڻ تان جوابدار اياز چانڊيو ۽ سندس ساٿين جي فائرنگ ۾ عورت کي قتل ڪيو هو.

هٿياربندن عورتن جي مڙس سوشل ورڪر يونس راڄپر ۽ ان جي معصوم پٽ پٽ قادر کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو.

Related posts

Leave the first comment