صدر مملڪت پاران ڀارت خلاف حق جي جنگ ۾ ڪاميابيءَ تي ٽنهي فوجي سربراهن ۽ بهادر سپاهين کي ڀيٽا

هي پاڪ فوج نه پر پوري قوم جي ڪاميابي آهي، ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور انداز سان جواب ڏيڻ تي فوج تي فخر آهي: صدر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان ڀارت خلاف حق جي جنگ ۾ ڪاميابيءَ تي ٽنهي فوجن جي سربراهن ۽ بهادر سپاهين کي ڀيٽا پيش.

صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هي رڳو پاڪ فوج نه پر پوري قوم جي ڪاميابي آهي، ڀارتي اڳرائي جو پيشوراڻي ۽ ڀرپور انداز سان جواب ڏيڻ تي فوج تي فخر آهي.

پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو دنيا به اعتراف ڪيو، پاڪستان جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ڪبي.

سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي کي رد ڪيون ٿا، معاهدي جي هڪ طرفي معطلي جو ڪو به قانون موجود ناهي.

Related posts

Leave the first comment