سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

دشمن ڀارت خلاف حق جي جنگ ۾ تاريخي فتح تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ 31 ۽ صوبائي گاديءَ جي شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) دشمن ڀارت خلاف حق جي جنگ ۾ تاريخي فتح تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، پاڪ فوج کي توپن جي سلامي سان ڀيٽا پيش.

وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ 31 ۽ صوبائي گاديءَ جي شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.

مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جون تقريبون، جوانن طرفان سلامي ڏني وئي.

وفاقي ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ واريون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، شهيدن جي يادگارن تي گُل نڇاور ۽ سندن پونئنرن سان خاص ملاقاتون ٿينديون.

مُک تقريب اسلام آباد ۾ ٿيندي، تقريب جو وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان ۽ ٽنهي فوجن جا سربراهه به شرڪت ڪندا.

Related posts

Leave the first comment