ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڳڙي ۽ انڌاريءَ سان برساتن جو سلسلو جاري

پنجاب، خيبرپختون خوا ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان زوردار برسات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، پنجاب، خيبرپختون خوا ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان زوردار برساتن جو سلسلو هلندڙ آهي.

اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ ۾ تيز هوائن سان برسات پئي جڏهن ته مختلف هنڌن تي تيز طوفاني هوا سبب وڻ پاڙان پٽجي ويا.

ليسڪو ريجن ۾ انڌاري سان برسات سبب 29 کان وڌيڪ فيڊرن جي بجليءَ جي فراهمي متاثر ٿي، مري ۾ تيز هوائڻ گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙو پڳوڻ سبب هر طرف اڇاڻ ڇائنجي وئي.

آزاد ڪشمير جي علائقي سماهني ۽ آسپاس ۾ تيز انڌاريءَ سان زوردار برسات پئي، کوئي رٽه ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ ڳڙي سان برسات ٿيڻ کان بعد موسم خوشگوار ٿي ويو.

Related posts

Leave the first comment