ڪنري پوليس جو عدالتي حڪم تي زميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو، 26 هاري بازياب

ڇاپي دوران عورتن ۽ ٻارن سميت 26 پورهيتن کي بازياب ، عدالت ۾ پيش ڪبا:  پوليس

ڪنري (ويب ڊيسڪ) ڪنري پوليس جو عدالتي حڪم تي زميندار هاشم ميمڻ جي زرعي زمين تي ڇاپو، 26 هاري بازياب.

پوليس ڇاپي دوران عورتن ۽ ٻارن سميت 26 پورهيتن کي بازياب ڪرائي ورتو.

بازياب ڪرايل هارين ۾ چيتن ڀيل، ڪريمان، سيتا، هريش، چندنا، هيمن، پريم ۽ ٻيا شامل.

پوليس جو چوڻ آهي ته درخواست گذار ساجن ڀيل جي درخواست بعد عدالتي حڪم تي ڇاپو ھنيو، هارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Related posts

Leave the first comment