سنڌ ۾ سانوڻيءَ جو انڌاريءَ سان پهريون وسڪارو، ڪيترن ئي گھرن جا ڇپر اڏامي ويا، انبن کي ڪاپاري ڌڪ، 60 کان وڌيڪ گھرن کي باهه
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني هوائون، گهرن ۽ دڪانن جا ڇپر اڏامي ويا، انبن جي باغن کي ڪاپاري ڌڪ.
سنڌ ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو، موسم وڻندڙ ٿي وئي، حيدرآباد، دادو، مٽياري، ٺٽو، ماتلي، جوهي، واهي پانڌي ۽ ٽنڊي ڄام ۾ برسات.
ٿاڻو بولا خان، ميرپور بٺورو، دڙو، پليجاڻي ۽ ڀر وارن علائقن ۾ مينهن، گورک هل تي به وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوائن ۽ انڌاريءَ سبب ڇتن تي پيل سولر پليٽن کي نقصان پهتو.
انڌاريءَ سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه جي واقعن ۾ 60 کان وڌيڪ گھرن کي باهه لڳي وئي.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوائون گھُلڻ سبب چلهين ۽ دونهين مان اٿندڙ چڻنگن سبب ڪيترن ئي گهرن کي ڏسندي ئي ڏسندي باهه وڪوڙي وئي.
انڌاريءَ هلڻ سبب باهه وسائڻ ناممڪن بڻجي وئي، ڪيترن ئي متاثرن جا الهه تلهه سڙي رک ٿي ويا.


