پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي

سانگي ۾ سي پيڪ تي ڪراچي کان علي پور پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي

پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

سانگي ۾ سي پيڪ تي ڪراچي کان علي پور پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، فوتين ۾ ٻارڙي رحيمان، محمد هاشم ۽ عورت جي سڃاڻپ نه ٿي.

مسافر ڪوچ جي ڪلٽي ٿيڻ بعد حادثي واري جاءِ تان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پنو عاقل ۽ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment