قمبر: چانڊيا برادري جي قاسماڻي پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو، 3 ڪروڙ 17 لک ڏنڊ مقرر

تمندار محمد پناهه سماراڻي چانڊيو جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو، ڌريون کير کنڊ

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر جي جاگير واري علائقي ۾ چانڊيا برادري جي قاسماڻي پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو، گڏيل طور 3 ڪروڙ 17 لک ڏنڊ مقرر.

تمندار محمد پناهه سماراڻي چانڊيو جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو، في خون بها 65 لک رپيا ۽ ٻن زخمين جو 32 لک ڏنڊ مقرر، نبيري بعد ڌريون کير کنڊ.

3 سال اڳ حاڪم علي قاسمماڻي ۽ فياض حسين چانڊيو قاسماڻي جي ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو شروع ٿيو هو،

ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ ظهور احمد، محمد، مولابخش ۽ سراج احمد چانڊيو قتل ٿي ويا هئا.

Related posts

Leave the first comment