جماعت اسلامي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين جي حق ۾شٽربند هڙتال، ريليون ۽ مظاهرا

مدئجي، نندو، تلهار، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند هڙتال، ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف شٽربند هڙتال، ريليون، ۽ مظاهرا.

مدئجي ۾ فلسطينين سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي ظلمن خلاف شٽربند ھڙتال، مارڪيٽون ۽ ڪاروباري مرڪز بند.

نندي ۾ واپاري اتحاد طرفان فلسطين جي حق ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ننڍو وڏو ڪاروبار مڪمل بند.

تلهار ۾ به جماعت اسلامي جي سڏ تي شٽربند هڙتال، ٺل ۾ غزا تي اسرائيلي جارحيت توڙي سنڌ طاس معاھدي جي معطلي خلاف شٽربند ھڙتال.

عمرڪوٽ ۾ به فلسطينن سان اظهار يڪجهتي لاءِ شٽربند هڙتال، اسڪول بند،

اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته عالمي دنيا فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، فلسطينين جي نسل ڪشي روڪي وڃي.

Related posts

Leave the first comment