والاريل ڪشمير واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي: ٽيمي بروس

آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير اڳ ئي پنهنجو موقف واضح ڪري چڪا آهن: آمريڪي پرڏيهي ترجمان

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي پرڏيهي ترجمان ٽيمي بروس چيو آهي ته والاريل ڪشمير واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

آمريڪي ترجمان ٽيمي بروس چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير اڳ ئي پنهنجو موقف واضح ڪري چڪا آهن، هوءَ وڌيڪ ڪجهه نه چوندي.

ٽيمي بروس چيو ته صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ ان تي نظر آهي، هو هن وقت ڪشمير يا والاريل ڪشمير جي حيثيت تي ڪو موقف نٿا رکن.

Related posts

Leave the first comment