لاڙڪاڻو: ٻٻرلوءِ ڌرڻي تان موٽندڙ وين سان حادثو، 3 ڄڻا فوت، 11 زخمي

خيرپور پل ڀرسان باقراڻي واري علائقي ڳوٺ انور آباد ۾ سماجي ورڪرن جي وين ڪلٽي ٿي پئي

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ڀرسان ٻٻرلوءِ ڌرڻي تان موٽندڙ وين سان حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت، جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

خيرپور پل ڀرسان باقراڻي واري علائقي ڳوٺ انور آباد ۾ سماجي ورڪرن جي وين ڪلٽي ٿي پئي.

پوليس جو چوڻ آھي ته حادثي ۾ فوت ٿيل ويلن جي سڃاڻپ مولا بخش بروھي، محمد عظيم شاهاڻي ۽ حبدار شاهاڻي طور ٿي.

Related posts

Leave the first comment