ڪئنال معاملي تي وفاق جو سنڌ سان رابطو، وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي ملاقات طئي

پيغام موڪليو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات جا اڄ يا سڀاڻي امڪان آهن: پ پ ذريعا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪئنال معاملي تي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وچ ۾ ملاقات طئي ٿي آهي.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت طرفان سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات طئي ڪئي وئي.

پيپلز پارٽي ذريعن موجب اسان کي پيغام موڪليو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات جا اڄ يا سڀاڻي امڪان آهن.

ٻنهي اڳواڻن ۾ وچ ۾ ملاقات دوران پيپلز پارٽي جي کٽڪن، سنڌ ۾ هلندڙ احتجاج، سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ٿيل ٺهراءَ سميت ڪئنالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي پنهنجو موقف پيش ڪندي.

Related posts

Leave the first comment