سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪرمپور ۾ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، نوجوان قتل، هڪ زخمي

گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ فقير محمد چولياڻي ۽ سندس پٽ بهرام چولياڻي زخمي ٿي پيا، بهرام چولياڻي اسپتال ۾ دم ڏنو

ڪرمپور (ويب ڊيسڪ) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ نصرالله بجاراڻي ۾ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي.

گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ فقير محمد چولياڻي ۽ سندس پٽ بهرام چولياڻي زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ سکر اسپتال نيو ويو جتي بهرام چولياڻي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

پراڻي ڪارنهن تڪرار تائرنگ ۾ زخمي ٿيل فوتي جي پٽ جو علاج هلندڙ، ڌرين ۾ڇڪتاڻ، وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو.

Related posts

Leave the first comment