سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ٺري ميرواهه ۾ صحافي اي ڊي شر جي قتل خلاف شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي ريلي

دڪاندار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڪاروبار بند ڪري صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ دڪاندرن احتجاجي ريلي ڪڍي

ٺري ميرواهه (ويب ڊيسڪ) ٺري ميرواهه ۾ صحافي اي ڊي شر جي قتل خلاف شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

شهر جي دڪاندار ايسوسيئيشن جي سڏ تي مک بازار سميت ڪاروبار بند ڪري صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ دڪاندرن احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته صحافي اي ڊي شر جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

Related posts

Leave the first comment