سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

غزا ۾ اسرائيلي بمباري ۾ 6 ڀائرن سميت وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد

پٽ بکايل فلسطينين کي کاڌو فراهم ڪرڻ ۾ رڌل هئا ته مٿن بمباري ڪئي وئي: شهيدن جو پيءُ

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري جي نتيجي ۾ 6 ڀائرن سميت وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

دير البلح ۾ اسرائيلي فورسز جي جنگي جهازب جي بمباري ۾ 6 سڳا ڀائرن سميت وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

شهيد ڀائرن جي پيءُ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ بکايل فلسطينين کي کاڌو فراهم ڪرڻ ۾ رڌل هئا ته مٿن بمباري ٿي، هنن وٽ ڪو هٿيار نه هو.

Related posts

Leave the first comment