وچ اوڀر ۾ نئون تڪرار روڪڻ لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون اڄ عمان ۾ ٿينديون

عمان (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ نئون تڪرار روڪڻ لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون اڄ عمان ۾ ٿي رهيون آهن.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو مرڪز نئين نيوڪليئر ڊيل هوندي.

ايراني ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي ايلچي اسٽيوو ٽڪوف سڌي ريت ڳالهيون ڪندا.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نٿا ٿي سگهن، هو چاهين ٿا ته ايران هڪ عظيم ۽ خوشحال ملڪ بڻجي.

Related posts

Leave the first comment