سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پاڪستان جو دهشتگردي جو مسئلو افغانستان آڏو اثرائتي طريقي سان اٿارڻ جو فيصلو

دهشتگردي سان نبرڻ لاءِ وزيراعظم، آرمي چيف ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊرز هڪ صفحي تي آهن: محسن نقوي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان جو دهشتگردي جو مسئلو افغانستان آڏو اثرائتي طريقي سان اٿارڻ جو فيصلو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فيصلي بابت ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي کي آگاهه ڪري ڇڏيو.

محسن نقويءَ جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سان نبرڻ لاءِ وزيراعظم، آرمي چيف ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊرز هڪ صفحي تي آهن.

صوبن جي مشاورت کان سواءِ ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو، دهشتگردي سان نبرڻ لاءِ ڪي پي ۽ بلوچستان کي هرممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.

Related posts

Leave the first comment