ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي پوليس موبائل ڀرسان بم ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا 4 اهلڪارن سميت 21 ڄڻا زخمي

ڊبل روڊ تي پوليس موبائل ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 4 اهلڪارن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي پوليس موبائل ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 4 اهلڪارن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي، لاش ۽ زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.

صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير محسن نقوي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران مذمت.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته دشمن قوتون بلوچستان کي ٽارگيٽ ڪري رهيون آهن، عدم استحڪام پيدا ڪرڻ واري ڪُڌي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

Related posts

Leave the first comment