سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثا، پوليس اهلڪار فوت، 17 کان وڌيڪ زخمي

مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ اهلڪار فوت ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 17 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن ۾ پوليس اهلڪار فوت، 17 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

لاڙڪاڻي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب پوليس اهلڪار محمد الدين تنيو حياتي وڃائي ويٺو.

مانجھند ڀرسان انڊس هاءِ وي تي وين ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.

هوڏانهن ساماري ويجهو ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي، سمورن زخمين ۽ لاشن کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment