Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف مختلف ڌرين جا احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف مختلف ڌرين جا احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري.

ڄامشوري ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن پاران ڪئنالن خلاف پيادل مارچ، ٺاروشاهه ۾ ڊگـري ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن پاران پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي.

سوئي گيس ۾ اسٽوڊنٽس رائٽس ڪائونسل طرفان ريلي، يونيورسٽيءَ آف لاڙڪاڻو جا شاگرد تڪراري ڪينال خلاف روڊن تي نڪري آيا.

ڪرونڊي، غوثپور، جهڏو، راڻيپور، شيخ ڀرڪيو، رتوديرو ۾ به احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو واپس ڪرڻ جو مطالبو.

Related posts

Leave the first comment