Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

جعفر ايڪسپريس حملو: وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪوئيٽا جو دورو ڪندو

ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) جعفر ايڪسپريس تي حملي بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪوئيٽا جو دورو ڪندو.

ڪوئيٽا جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيندو، وزيراعظم کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بريفنگ ڏني ويندي.

سندس چوڻ آهي ته بزدلاڻا حملا پاڪستان جي امن جي عزم کي ختم نٿا ڪري سگهن، درجنين دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي.

Related posts

Leave the first comment