Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيلن جو سي ايم هائوس اڳيان امڪاني احتجاج، ڪراچيءَ جا مک رستا سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد مان نڪتل وڪيلن جو مارچ ڪراچي پهچڻ شروع، وزيراعليٰ هائوس ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا.

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيلن جي اعلانيل احتجاج جي سڏ تي ڪراچي ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

پوليس پاران ڪراچيءَ جي گورا قبرستان ايف ٽي سي بلڊنگ وٽان ڊمپر بيهاري روڊ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موقعي تي پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا پڻ موجود آهن.

وڪيلن جي سي ايم هائوس اڳيان احتجاج جي سڏ بعد ٽول پلازا ڪراچي تي پڻ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.

Related posts

Leave the first comment