دادو: عدالتي حاضري تي آيل چانڊيا ۽ ڀنڊ برادريءَ ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 9 ڄڻا زخمي

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ عدالت جي حاضري تي آيل چانڊيا ۽ ڀنڊ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 9 ماڻهو زخمي.

دادو جي سيشن ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل چانڊيا ۽ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين پاران فائرنگ ڪئي وئي.

گوليون لڳڻ سبب نصير، ببلو، صادق ڀنڊ، منٺار چانڊيو، عثمان ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جھيڙي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ايس ايس پي دادو جو چوڻ آهي ته جھيڙي واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

Related posts

Leave the first comment