سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ احتجاجي مظاهرا.

سياسي، سماجي تنظيمون، شاگرد، سول سوسائٽي ۽ آبادگار سراپا احتجاج بڻيل.

ڪراچي، ميهڙ، اوٻاوڙو، اڏيرو لال، فقير آباد، ڏئي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.

آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ٻاهران مظاهرو ۽ نعريبازي ڪئي وئي، مختلف ملڪن جي سفارتخانن آڏو احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو.

جسقم اڳواڻ حبيب ڀٽو جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه کي تباهه ڪري سنڌ جي 6 ڪروڙ آبادي مٿان موت جو وار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌي ان رٿا کي رد ڪن ٿا.

Related posts

Leave the first comment