بنون ڇانوڻي تي آپگھاتي حملا، 11 ڄڻا مارجي ويا، گهر ۽ مسجد ڊهي پئي

بنون (نيشنل ڊيسڪ) دهشتگردن طرفان ڌماڪيدا مادي سان ڀريل 2 گاڏيون بنون ڇانوڻيءَ جي عمارت ۾ موجود هاءِ سڪيورٽي زون ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش کي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.

دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏيون ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو نتيجي ۾ 5 عورتن ۽ 4 ٻارڙن سميت گھٽ ۾ گھٽ 11 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 22 زخمي ٿي پيا.

بنون ڪينٽ ٿاڻي جي حدن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا.

هٿياربندن ڇانوڻيءَ جي علائقي ۾ داخلي دروازن تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان گاڏين کي روڪڻ کان پوءِ گيٽ تي موجود گاڏين کي ڌماڪن سان اڏايو ويو.

سرڪاري ذريعن موجب ڌماڪن بعد اڻڄاتل دهشتگردن ڪئمپ ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي.

دهشتگردن پاران اهڙو حملو افطار کان پوءِ ساڍي 6 وڳي شروع ٿيو، حملي دوران دهشتگردن آر پي جي ۽ دستي بم حملا به ڪيا.

Related posts

Leave the first comment