سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ٽرمپ جو منصوبو رد، عرب ملڪن غزا جي نئين سر اڏاوت لاءِ مصري منصوبي جي حمايت ڪري ڇڏي

غزا (انٽرنيشل ڊيسڪ) ٽرمپ جو منصوبو رد، عرب ملڪن غزا جي نئين سر اڏاوت لاءِ مصر جي منصوبي جي حمايت ڪري ڇڏي.

عرب ملڪن جو قاهره ۾ غير معمولي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مصر، سعودي عرب، قطر، اردن، شام ۽ ٻين ملڪن سميت گڏيل قومن جو سربراهه، يورپي يونين جو صدر ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم جو سيڪريٽري جنرل شريڪ ٿيا

 مصر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز رد ڪندي غزا جي نئين سر اڏاوت لاءِ منصوبو پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

تجويز ڪيل منصوبي ۾ لکين گهرن، واپاري بندرگاهه ۽ ايئرپورٽ جي اڏاوت شامل آهي.

فسلطيني علائقن ۾ چونڊون ۽ ٻه رياستي حل جون ڪوششون به منصوبي جو حصو هونديون.

عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ آهي ته مصر جو منصوبو هاڻ عرب منصوبو بڻجي چڪو آهي.

Related posts

Leave the first comment