سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

آمريڪي فوجين تي حملن ۾ ملوث دهشتگرد جي گرفتاري تي ٽرمپ پاڪستان جو ٿورائتو

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) افغانستان ۾ آمريڪي فوج تي حملي جي ذميوار دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ تي آمريڪي صدر پاڪستان جو ٿورائتو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ساڍا 3 سال اڳ افغانستان ۾ حملي ۾ 13 آمريڪي اهلڪار مارجي ويا هئا، هو دهشتگرد جي گرفتاري تي پاڪستان حڪومت جا ٿورائتا آهن.

دهشتگرد کي هن وقت آمريڪا آندو پيو وڃي ته جيئن هو آمريڪا ۾ قانون کي منهن ڏئي سگهي، هو انتهاپسند دهشتگردي خلاف آهن.

Related posts

Leave the first comment