سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

رمضان المبارڪ جي شروعات ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي رمضان جي مبارڪ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ اندر برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، بلوچستان ۾ هڪ ٻئي طوفاني سسٽم جي داخل جو الرٽ جاري ڪيو ويو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 2 ۽ 3 مارچ تي تيز برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.

طاقتور طوفاني سسٽم سڀاڻي 2 مارچ تي بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، سسٽم آچر جي شام تائين بلوچستان کي متاثر ڪري سگهي ٿو.

جبلن تي گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، مسافر ۽ سياح غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.

اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ مٿانهين علائقن ۾ ٿڌو رهڻ جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي.

Related posts

Leave the first comment