ڪلوئي (ويب ڊيسڪ) ڪلوئي جي ڳوٺ ڪمھالو ۾ نوجوان ناري کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش.
پيءُ ۽ ڀاءُ تي زهر ڏيڻ جو الزام، ناري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين اسپتال ۾ داخل.
ساجده نهڙيو جو چوڻ آهي ته سندس مائٽ کيس زبردستي هڪ پيرسن شخص سان پرڻائڻ چاهين ٿا.
انڪار ڪرڻ تي ڀاءُ ۽ پيءُ پاران زهر ڏيئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ناريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو کيس ماري ڇڏيندا، ناريءَ جي پيءُ پاران الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا.


