ملڪ ۾ سڀاڻي برساتن جي نئين لهر جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ملڪ ۾ سڀاڻي برساتن جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 موسميات کاتي موجب اولهه کان هوا جو هڪ نئون سسٽم ملڪ ۾ داخل ٿيندو جنهن کان پوءِ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي

ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 25 فيبروري کان برساتون پونديون.

ٻوڏ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو، سياحن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت.

Related posts

Leave the first comment