سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

چيمپيئنز ٽرافي جي 5 مقابلن ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جو پاسو ڳرو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي 5 مقابلن ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جو پاسو ڳرو رهيو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڇهون ڀيرو اڄ دبئيءَ جي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

چيمپيئنز ٽرافي جي گذريل ايونٽس ۾ ٻئي ٽيمون 5 ڀيرا هڪ ٻئي سان ٽڪرايون. 3 ڀيرا پاڪستان ۽ 2 ڀيرا ڀارت کي فتح حاصل ٿي.

روايتي مخالف ٽيمون ميچ کٽڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائينديون، هلندڙ ايوينٽ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ نيوزيلينڊ کان هارائي چڪو آهي جڏهن ته ڀارت پهرين ميچ بنگلاديش خلاف کٽي چڪو آهي.

Related posts

Leave the first comment