سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

راڻيپور: قومي شاهراهه تي وين جي ٽڪر ۾ شاگردياڻي فوت، 2 شاگرد زخمي

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) راڻيپور ڀرسان قومي شاهراهه تي وين جي ٽڪر ۾ شاگردياڻي فوت ٿي وئي جڏهن ته 2 ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ علي آباد وٽ تيز رفتار وين روڊ پار ڪري اسڪول ويندڙ شاگردن مٿان چڙهي وئي.

حادثي ۾ شاگردياڻي عاليه سولنگي فوت ٿي وئي، جڏهن ته شاگرد معشوق سولنگي ۽ پرهه سولنگي زخمي ٿي پيا.

فوتي شاگردياڻي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ڊرائيور کي حراست ۾ وٺندي وين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment