Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وزيراعظم جي بحريني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني آهي.

وزيراعظم اسلام آباد ڪائونسل آف ريپريزنٽيٽوز جي اسپيڪر احمد بن سلمان المسلم جي قيادت ۾ بحرين کان آيل 11 رڪني پارلياماني وفد سان ملاقات ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري حجم کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ برادراڻا لاڳاپا تمام مضبوط، گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن.

غزه جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم مسلم امت کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۽ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن.

Related posts

Leave the first comment