لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هندو واپاري ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هندو واپاري ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، واقعي خلاف لاڙڪاڻي شهر ۾ شٽر بند هڙتال.

ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سنجي ڪمار ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف قومپرست تنظيم جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي.

شهر جي واپارين ۽ دڪاندار مک ڪاروباري مرڪز صديقي بازار، بندر روڊ، شاهي بازار، پاڪستاني چوڪ، اسٽيشن روڊ، جيلس بازار سميت ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو، پيٽرول پمپ به بند، ٽرئفڪ معمول کان گهٽ.

Related posts

Leave the first comment