پاڪستان کي پيرن تي بيهڻ ۾ 12 کان 15 سال لڳندا: اسحاق ڊار

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۾ 12 کان 15 سال لڳندا.

ملڪي معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي، هاڻي پاڪستان جي معاشي بهتري جي تعريف دنيا ڪري پئي.

مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ اوور سيز پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ آهي ته سياست آهي.

هو ملڪ لاءِ سياست کي داءُ تي لڳائڻو پيو ته لڳائي ڇڏيندا، ن ليگ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي وئي، ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻايو آهي.

Related posts

Leave the first comment