Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

خيرپور: سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ، شڪ هيٺ 2 ڄڻا گرفتار

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ، قتل جي شڪ ۾ ٻه ڄڻا گرفتار.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ معين سمنگ جو انبن جي باغ مان لاش هٿ آيو.

نوجوان جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته معين ڪمري ۾ فون تي ڳالهائي رهيو هو،ڪجهه دير کانپوءِ گم ٿي ويو ۽ سندس نمبر بند ٿي ويو.

ايس ايس پي خيرپور موجب نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، اصل حقيقتون پوسٽ مارٽم کان پوءِ ئي سامهون اينديون.

پوليس نوجوان جي قتل جي شڪ ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

Related posts

Leave the first comment