سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پاڪ فوج ملڪي معاشي ترقي جي عمل ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي: آرمي چيف

چولستان (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب ۾ زراعت کي جديد بڻائڻ جو انقلاب اچي ويو، هارين کي سمورييون زرعي سهولتون هڪ ڇت هيٺ فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع.

چولستان ۾”گرين پاڪستان“ منصوبي جي شروعات تي ڪنڊائي ۽ شاپو جي علائقن ۾ منصوبن جي افتتاحي تقريب رٿي وئي.

گرين مال اينڊ سروس ڪمپني، اسمارٽ ايگري فارم، زرعي تحقيق ۽ سهولت مرڪ جو افتتاح به ڪيو ويو.

تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف به شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پنجاب پاڪستان جو زرعي پاور هائوس بڻجي ويو آهي، جديد زراعت ۾ پنجاب صوبو ۽ هتان جي هارين جو قائداڻو ڪردار تعريف جوڳو آهي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير ٿورڙي وقت ۾ پنجاب حڪومت جي گرين ڪارپوريٽ منصوبي جي تحت ڪاوشن ۽ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي ساراهه ڪئي.

آرمي چيف چيو ته گرين ڪارپوريٽ منصوبي تحت ٿورڙي وقت ۾ اهڙيون ڪاميابيون حوصلو ڏيندڙ آهن ۽ ترقيءَ جي خوشخبري آهن، پاڪ فوج ملڪ جي معاشي ترقي جي عمل ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي.

Related posts

Leave the first comment