Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

راڻيپور ڀرسان قلندر جي پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي، 10 پانڌيئڙا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) راڻيپور ڀرسان قومي شاهراهه تي سيوهڻ جي پانڌيئڙن سان حادثو، بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ پانڌيئڙا زخمي ٿي پيا.

حادثي جي زخمين کي راڻيپور ،گمبٽ ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

بس ۾ سوار ماڻهو پنجاب کان سيوهڻ شريف قلدر لعل شهباز جي ميلي تي وڃي رهيا هئا ته راڻيپور ڀرسان قومي شاهراهه تي سندن بس سان حادثو پيش آيو.

بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي ۽ 10 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويو، امدادي ڪارروايون جاري.

Related posts

Leave the first comment