سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سينيٽ مان انساني اسمگلنگ ۽ پنڻ لاءِ پرڏيهه ويندڙن سميت 3 اهم بل منظور

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سينيٽ مان 3 اهم بل منظور ڪيا ويا جن ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جو ترميمي بل 2025ع، انساني اسمگلنگ ۽ پنڻ لاءِ پرڏيهه وڃڻ تي سزا ۽ ڇوڪرين کي ڪڌي ڪم لاءِ پرڏيهه موڪليندڙن کي سزائون ڏيڻ جا بل منظور ڪيا ويا.

قانون واري وزير، اعظم نظير تارڙ ٽئي بل ايوان ۾ پيش ڪيا.

سندس چوڻ آهي ته انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي بل ۾ سزائن کي وڌايو آهي،  ٻيڙين ٻڏڻ جا حادثا ٿيا، ساک ته اسان جي متاثر ٿي آهي.

ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي اسمگلنگ جو سنگين مسئلو آهي.

Related posts

Leave the first comment