آرمي چيف سڀاڻي گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي جو دورو ڪندو

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ اهم حڪومتي شخصيتون سڀاڻي ”گرين پاڪستان انيشيٽو“ جي مختلف منصوبن جو دورو ڪندا.

آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ وفاقي ۽ صوبائي عملدار خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف) جي گرين پاڪستان انيشيٽو (جي پي آءِ) جي تحت 14 فيبروريءَ تي پنهنجي دوري ۾ زرعي منصوبن ۽ مختلف سهولتن جو جائزو وٺندا.

دوري ۾ جي پي آءِ جي سمارٽ ايگري فارم، گرين ايگري مال ۽ تحقيقي سهولت مرڪزن جو افتتاح به شامل آهي، دوري دوران شريڪ ٿيندڙن کي جي پي آءِ جي زرعي ترقيءَ بابت اهم ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويندو.

جي پي آءِ طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ استعمال ٿيندڙ زرعي مشينري ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي نمائش پڻ ڪئي ويندي، زرعي شعبي جي ترقي ۽ نواڻ بابت آگاهيءَ جي لاءِ حڪومتي شخصيتن اڳيان ماڊل فارم جي دورن جو به اهتمام ڪيو ويندو.

پيرووال ۽ مظفر ڳڙهه ۾ تيار ڪيل ماڊل فارمز هارين کي جديد زرعي ٽيڪنيڪن کان آگاهه ڪرائيندا. آرمي چيف ۽ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن جي دوري سان جي پي آءِ جي زرعي ترقياتي منصوبن کي هٿي ملندي.

Related posts

Leave the first comment