اتر وزيرستان ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا اغوا بعد قتل

بڪاخيل منڊي (نيشنل ڊيسڪ) اتر وزرستان جي علائقي بقاخيل منڊي جي علائقي ۾ پوليس ڪانسٽيبل سميت 2 ڄڻن کي اغوا بعد قتل ڪيوويو. پوليس موجب گربڙ جي علائقي سان تعلق رکندڙ ڪانسٽيبل رياض الله ۽ حبيب الله کي اڻڄاتل هٿياربندن بڪاخيل منڊي ايف آر بنون مان اغوا ڪيو، هٿياربندن مغوين کي جابلو علائقي ۾ کڻي وڃي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. هٿياربندن پاران بعد ۾ مقتولن کي قتل ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي وئي، پوليس واقعي کي ذاتي دشمن قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Related posts

Leave the first comment