ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ منافعي خورن جي خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ٻانهن ٻيلي وقار مهدي ۽ عثمان هنگورو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ وقار مهدي چيو ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي لاءِ ٿاڻا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٿاڻن ۾ بيورو آف سپلاءِ کاتي ۽ پوليس جو عملو شامل هوندو. هن چيو ته کاڌ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ چاهيون ٿا، ان کان سواءِ سمورن گودامن کي رمضان کان پهريان رجسٽر ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي، بچت بازارن ۾ خاص طور اسٽال ۽ فروٽ جي مقرر قيمتن کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته سبزي منڊين جي ڪولڊ اسٽوريج رجسٽر ۽ انهن جي نگراني پڻ ڪئي ويندي. وقار مهدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوان ٿاڻا سنڌ ۾ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا مجاز هوندا، سموري صوبي جي مارڪيٽن جي نگرانيءَ لاءِ خاص ڊيوٽيون لڳائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
Related posts

سنڌ سرڪار ملڪي بهتري لاءِ بل جي منظوري ڏني آهي: شرجيل انعام ميمڻ
February 3, 2025
روهڙي ۾ زميني معاملي تان نوجوان گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار
February 12, 2025

