چيمپئنز ٽرافيءَ جون ٽڪيٽون، شوقين ونڊو سيل تان ٽڪيٽون ڪيئن خريد ڪندا؟

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي ٽيڪٽن جي آن لائين وڪري کان پوءِ اڄ کان ونڊو سيل جي شروعات ٿيندي، شوقين پاڪستان ۾ ٿيندڙ ميچن جون ٽيڪٽون 26 شهرن ۾ خانگي ڪوريئر سروسس جي مقرر ڪيل آئوٽ ليٽس تان ٽڪيٽون خريد ڪري سگھن ٿا. پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي سيريز جي ٽڪيٽن جو وڪرو اڱاري کان شروع ٿيندو، ياد رهي ته پاڪستان چيمپئنز ٽرافي ۾ پنهنجو پهريون ميچ 19 فيبروري تي نيوزيلينڊ جي خلاف ڪراچيءَ ۾ کيڏندو.

Related posts

Leave the first comment